ڪراچي جي عدالت پاران 28 آگسٽ تي مبينا طور قتل ڪيل ناري جي قبرڪشائي جي اجازت ڏيڻ بعد جاچ ٽيم مري ڳوٺ پهچي وئي

ڪراچي جي عدالت پاران 28 آگسٽ تي مبينا طور قتل ڪيل ناري جي قبرڪشائي جي اجازت ڏيڻ بعد جاچ ٽيم مري ڳوٺ پهچي وئي، پوليس جو چوڻ آهي ته ناري جي قتل ڪيس ۾ گرفتار سندس مڙس سميت چئن جوابدارن جي نشاندهي تي قبرڪشائي ڪئي ويندي.

ڪراچي جي هڪ عدالت جاچ پوليس کي مقتول ناري جي قبرڪشائي جي اجازت ڏئي ڇڏي.

عدالت پاران اجازت ملڻ بعد جاچ ٽيم سپر هاءِوي تي مري ڳوٺ پهچي وئي، پوليس جو چوڻ آهي ته مئجسٽريٽ جي نگراني ۾ قبر ڪشائي ڪئي ويندي.

پوليس دعويٰ ڪئي آهي ته ناري جي قتل ڪيس ۾ گرفتار سندس مڙس سميت چئن جوابدارن ڏوهه جو اعتراف ڪيو، جن جي نشاندهي تي قبرڪشائي ڪئي ويندي.

پوليس جو چوڻ آهي ته قبرڪشائي بعد رت جا نمونا ٽيسٽ لاءِ لبارٽري اماڻيا ويندا ۽ پوءِ رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪئي ويندي.

پوليس موجب واقعو 28 آگسٽ تي پيش آيو، ناري صفدانه کي مبينا طور قتل ڪرڻ بعد سندس لاش ڪمبل ۾ ويڙهي دفنايو ويو، قتل ڪيس ۾ ناري جي مڙس سميت 4 ڄڻا گرفتار ٿيل آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*