مسلم ليگ ن جي ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته محترمه مريم نواز ميڊيا کي ڪو به بيان نه ڏنو آهي

مسلم ليگ ن جي ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته محترمه مريم نواز ميڊيا کي ڪو به بيان نه ڏنو آهي، ساڻس منسوب ڪيل بيان درست نه آهي، ميڊيا کي درخواست آهي ته ڪا به خبر بنا تصديق جي نه هلائي وڃي.

لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مسلم ليگ ن جي ترجمان چيو ته محترمه مريم نواز ميڊيا کي ڪو به بيان نه ڏنو آهي، ساڻس منسوب ڪيل بيان درست نه آهي.

هن چيو ته، گذريل ٻن ڏينهن کان جاري بيانن مريم نواز ناهن ڏنا، جيل ۾ ملاقات دوران مريم نواز جي ڳالهين کي ٽوڙي مروڙي پيش نه ڪيو وڃي.

مسلم ليگ ن جي ترجمان چيو ته ميڊيا کي درخواست آهي ته ڪا به خبر بنا تصديق جي نه هلائي وڃي، رڳو ترجمان پاران جاري ڪيل بيان ئي نشر ۽ شايع ڪيا وڃن.

مريم اورنگزيب چيو ته، افواهن تي ٻڌل خبرن کي نشر ڪرڻ سان مونجهارا پيدا ٿيا، جيڪو مناسب نه آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*