اسلام آباد جي احتساب عدالت العزيزيه اسٽيل ملز ريفرنس جي ٻڌڻي اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف جي پيش نه ٿيڻ سبب سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي

اسلام آباد جي احتساب عدالت العزيزيه اسٽيل ملز ريفرنس جي ٻڌڻي اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف جي پيش نه ٿيڻ سبب سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي، وڪيل خواجا حارث چيو آهي ته، صبح خبر پئي ته نوازشريف کي سندس گهرواري جي فوت ٿيڻ تي کيس پيرول تي لاهور نيو ويو هي، غيرحاضري ۾ عدالتي ڪاروائي هلائڻ جي هدايت ناهي ملي، ڪلثوم قومي شخصيت هئي، ڪارروائي هلائڻ مناسب ناهي، نوازشريف کان اڄ هدايت وٺي عدالت کي آگاهه ڪندس.

اسلام آباد جي احتساب عدالت ۾ اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف خلاف العزيزيه اسٽيل ملز ريفرنس جي ٻڌڻي جج محمد ارشد ملڪ ڪئي.

نوازشريف جي وڪيل خواجا حارث موقف اختيار ڪيو ته بدقسمتي سان نوازشريف جي گهرواري فوت ٿي وئي آهي ۽ اڄ صبح خبر پئي ته نوازشريف کي پيرول تي آزاد ڪري لاهور منتقل ڪيو ويو آهي.

وڪيل خواجا حارث چيو ته ڪلثوم نواز وينٽي ليٽر تي هئي، جڏهن نوازشريف ڏيهه واپس آيو هو، سندس غير حاضري ۾ عدالتي ڪارروائي هلائڻ جي هدايت ناهي ملي، نوازشريف کان هدايت وٺي سڀاڻي عدالت کي آگاهه ڪندس.

احتساب عدالت جي جج چيو ته نيشنل ميڊيا تي به اهي خبرون نشر ٿيون آهن، ڪلثوم نواز قومي شخصيت هئي، اڄ ڪارروائي هلائڻ مناسب نه آهي، العزيزيه ريفرنس جي ٻڌڻي سڀاڻي ٻيهر ڪئي ويندي.

جنهن کانپوءِ عدالت العزيزيه اسٽيل ملز ريفرنس جي ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*