خيبرپختونخواهه جي علائقي ڪوهاٽ ۾ ڪوئلي جي کاڻ گيس ڀرجي وڃڻ سبب ڌماڪي جي نتيجي ۾ 11 پورهيت دٻجي ويا

خيبرپختونخواهه جي علائقي ڪوهاٽ ۾ ڪوئلي جي کاڻ گيس ڀرجي وڃڻ سبب ڌماڪي جي نتيجي ۾ 11 پورهيت دٻجي ويا، جن مان 9 ڄڻن جا لاش ڪڍيا ويا، ڊپٽي ڪمشنر جو چوڻ آهي ته مائن ڌماڪن سبب کاڻين ۾ گيس ڀرجي ويندي آهي، جنهن سبب ڌماڪو ٿيندو آهي، ٻن پورهيتن جي ڳولا امدادي ڪارروايون جاري آهن.

ڪوهاٽ ۾ اخور وال ۾ ڪوئلي جي کاڻ ۾ گيس ڀرجي وڃڻ سبب ڌماڪو ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ 11 پورهيت دٻجي ويا.

رضڪارن واقعي واري هنڌ پهچي ملبي هيٺان دٻيل 9 پورهيتن جا لاش ٻآهر ٻاهر ڪڍيا، جڏهن ته ٻن ڄڻن جا لاش هن وقت تائين هٿ نه اچي سگهيا آهن.

ڊپٽي ڪمشنر ڪوهاٽ چيو آهي ملبي هيٺان دٻيل ٻن پورهيتن جي ڳولا ڪئي پئي وڃي.

ڊپٽي ڪمشنر ڪوهاٽ چيو ته مائن جي ڌماڪن سان آڪسيجن گهٽ ٿي ويندي آهي، جنهن سبب ڌماڪو ٿي  پوندو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*