باڊھ ۾ سيپڪو عملي باقيدارن خلاف ڪارروائي دوران بجلي جا 200 ڪنيڪشن ڪاٽي ڇڏيا آهن

باڊھ ۾ سيپڪو عملي باقيدارن خلاف ڪارروائي دوران بجلي جا 200 ڪنيڪشن ڪاٽي ڇڏيا آهن.

سيپڪو عملي  شهر جي مختلف پاڙن ۽ بازار ۾ ڪارروائي ڪري ڪنڊا لاهڻ سان گڏ 200 کان وڌيڪ ڪنيڪشن ڪاٽي ڇڏيا.

سيپڪو عملي موجب شھر واري فيڊر ۽ نئين توڙي پراڻي فيڊر جي بجلي صارفن  تي پنج ڪروڙ رپين کان وڌيڪ رقم رهيل آھي.

 شهرين جو چوڻ آهي ته سيپڪو طرفان ڊگهي لوڊ شيڊنگ ڪري ڳرا ۽ ڊڊيڪشن لڳل بل موڪلڻ کانپوءِ  ڪنيڪشن ڪاٽي پريشان ڪيو پيو وڃي..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*