سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي جي هزارين مهاڻن جي روزگار بابت ڪيس ۾ پاڪستان انٽرنيشنل بلڪ ٽرمينل کي به ڌُر بڻائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي

سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي جي هزارين مهاڻن جي روزگار بابت ڪيس ۾ پاڪستان انٽرنيشنل بلڪ ٽرمينل کي به ڌُر بڻائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ هزارين مهاڻن جي روزگار بابت ڪيس جي ٻڌڻي دوران درخواست گذار عبدالستار حڪيم موقف اختيار ڪيو ته ريڙهي ڳوٺ ۽ چشمه ڳوٺ سالن کان مهاڻا آباد آهن.

عرفان عزيز ايڊووڪيٽ چيو ته پي آءِ بي ٽي پاران پل اَڏَي مهاڻن جِي سمنڊ ۾ اچ وڃ وارو رستو روڪيو ويو آهي، جنهن سبب هاڻي مهاڻن کي 8 ڪلاڪ اضافِي سفر ڪرڻو پوي ٿو.

عرفان عزيز ايڊووڪيٽ وڌيڪ چيو ته اضافي وقت ۽ سفر جي ڪري مهاڻن جي آمدني متاثر ٿي رهي آهي، اهم معاملو آهي پورٽ قاسم سان گڏ بلڪ ٽرمينل کي به ڌُر بڻايو وڃي.

عدالت پاڪستان انٽرنيشنل بلڪ ٽرمينل کي به ڌر بڻائڻ جي هدايت ڪندي ٻڌڻي 25 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*