جوهي ۾ مختلف شاخن ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف آبادگارن احتجاجي مظاهرو ڪري علامتي بک هڙتال ڪئي

جوهي ۾ مختلف شاخن ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف آبادگارن احتجاجي مظاهرو ڪري علامتي بک هڙتال ڪئي.

آبادگارن ۽ هارين ميهر گاڏھي، امام علي رستماڻي ۽ غلام قادر لغاري جي اڳواڻي ۾ آبپاشي کاتي جي آفيس اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري علامتي بک هڙتال ڪئي.

احتجاج ڪندڙ آبادگارن الزام هنيو ته منڍ جا بااثر کاتيدار آبپاشي عملدارن جي ملي ڀڳت سان پاني چوري رهيا آهن.

هنن حڪومت کان مطالبو ڪيو ته جوهي برانچ  تي رينجرس مقرر ڪري مختلف شاخن جي پڇڙي تائين پاڻي فراهم ڪيو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*