روسي ۽ چيني فورسز روس ۾ گڏيل تاريخي فوجي مشقن دوران صلاحيتن جو زبردست مظاهرو ڪيو

 

روسي ۽ چيني فورسز روس ۾ گڏيل تاريخي فوجي مشقن دوران صلاحيتن جو زبردست مظاهرو ڪيو.

  سائيبريا جي ڏاکڻي حصي ۾ “ووسٽوڪ 2018” جي نالي سان گذريل ڏينهن کان شروع ٿيل فوجي مشقن ۾ 3 لک فوجي اهلڪار حصو وٺي رهيا آهن، جڏهن ته 36 هزار فوجي گاڏيون، هڪ هزار هوائي جنگي جهاز ۽ 80 سامونڊي جنگي ٻيڙا به مشقن جو حصو آهن.

 چين، روسي قيادت جي خاص دعوت کانپوءِ جنگي مشقن جو حصو بڻيو آهي.

  پهرئين ڏينهن فورسز  پاران جديد قسم جي جنگي هٿيارن جو نماءَ ڪيو ويو، جنهن ۾ چيني ۽ روسي جنگي جهاز ۽ ٻيا هٿيار شامل آهن.

 ياد رهي ته فوجي مشقون 17 سيپٽمبر تائين جاري رهنديون، روسي صدر ولاديمير پيوٽن به جنگي مشقن جا جائزو وٺندو…

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*