امريڪي ۽ برطانوي نيوي جون نار ۾ گڏيل فوجي مشقون جاري آهن

             امريڪي ۽ برطانوي نيوي جون نار ۾ گڏيل فوجي مشقون جاري آهن، جنهن ۾ مختلف ملڪن جي فوجي جٿن حصو وٺي صلاحيتن جو مظاهرو ڪيو.

                 بحرين ۾ برطانيه ۽ امريڪا جي اڳواڻي ۾ سامونڊي ڪناري گڏيل مشقن ۾ 33 ملڪن جا فورسز شامل آهن.

                گذريل ڏينهن مختلف ملڪن جي فورسز مشقن دوران فوجي صلاحيتن جو ڀرپور نموني مظاهرو ڪيو، جڏهن ته سامونڊي جنگي ٻيڙن ۽ آبڊوز کان سواءِ هيليڪاپٽرز ۽ جديد قسم جي هٿيارن جو به مشقن دوران  نماءَ ڪيو ويو.

                ياد رهي ته  سعودي عرب ۽ ايران لاءِ واپاري توڙي جنگي لحاظ کان نار وارو سمنڊ خاص اهيمت رکي ٿو، جڏهن ته علائقي ۾ يمن جي حڪومت ۽ حوثي باغين ۾ شروع ٿيل لڙائي کانپوءِ فورسز جي سرگرمين ۾ واڌ ڏٺي وئي آهي………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*