پنجاب حڪومت نوازشريف ۽ ٻين جي پرول ۾ 3 ڏينهن واڌ ڪري ڇڏي، نوازشريف، مريم نواز ۽ صفدر ڇنڇر رات 12 وڳي تائين پرول تي آزاد هوندا

پنجاب حڪومت نوازشريف ۽ ٻين جي پرول ۾ 3 ڏينهن واڌ ڪري ڇڏي، نوازشريف، مريم نواز ۽ صفدر ڇنڇر رات 12 وڳي تائين پرول تي آزاد هوندا، پنجاب جي گهرو کاتي چيو آهي ته شريف ڪٽنب کي پرول تي آزادي ڏني وئي آهي، جاتي امرا کي سب جيل قرار ناهي ڏنو ويو، ڪلثوم جو مڙهه ڏيهه اچڻ ۾ دير تي پرول ۾ واڌ ڪئي ويندي، پرول ۾  واڌکانپوءِ مدو ايندڙ ڇنڇر جي رات 12 وڳي تائين هوندو.

پنجاب جي وڏي وزير عثمان ڊار اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف، سندس ڌيءُ مريم نواز ۽ ڪئپٽن رٽارئڊ صفدر جي پيرو ۾ واڌ جي گهرو کاتي پاران اماڻيل سمري منظور ڪري ورتي آهي.

نوازشريف، مريم نواز ۽ ڪئپٽن رٽائرڊ صفدر جي پرول جو مدو اڄ رات 12 وڳي کان شروع ٿيندو۽ ڇنڇر ڏهاڙي رات 12 وڳي ختم ٿيندو.

حڪومت طرفان چيو ويو آهي ته جيڪڏهن ڪلثوم نوز جي جنازي نماز ۽ آخري رسمن جي تاريخ ۾ تبديلي آئي ته نوازشريف جي پرول ۾ واڌ ٿي سگهي ٿي.

پنجاب جي گهرو کاتي چيو ته شريف ڪٽنب کي پرول تي آزادي ڏني وئي آهي، جاتي امرا کي سب جيل قرار ناهي ڏنو ويو.

پنجاب جي گهرو کاتي موجب، ڪلثوم جو مڙهه ڏيهه اچڻ ۾ دير تي پرول ۾ واڌ ڪئي ويندي………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*