سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته آمريڪا خاطري ڪرائي آهي ته آءِ ايم ايف کان بيل آئوٽ پيڪج  وٺڻ ۾ مخالفت نه ڪندو

سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته آمريڪا خاطري ڪرائي آهي ته آءِ ايم ايف کان بيل آئوٽ پيڪج  وٺڻ ۾ مخالفت نه ڪندو.

پرڏيهي خابرو اداري کي انٽرويو ڏيندي سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو ته گذريل هفتي پاڪستان جو دورو ڪندڙ آمريڪي پرڏيهي وزير مائيڪ پومپيو يقين ڏياريو آهي ته آءِ ايم ايف کان بيل آئوٽ پيڪج تي آمريڪا پاڪستان جي مخالفت نه ڪندو.

هن چيو ته مائيڪ پومپيو طرفان پاڪستان جي دوري بعد تعلقات بهتر ٿيا آهن.

سڌ سماءَ واري وفاقي وزير چيو ته آمريڪي پرڏيهي وزير جي پاڪستان آمد کان اڳ ٻنهي ملڪن جا تعلقات ڪٽيل هئا.

فواد چوڌري چيو ته آمريڪا خاطري ڪرائي آهي ته آءِ ايم ايف کان بيل آئوٽ پيڪج  وٺڻ ۾ مخالفت نه ڪندو……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*