پنجاب حڪومت 9 ۽ 10 محرم الحرام جي موقعي تي موٽرسائيڪل جي ٻيلهه سواري تي پابندي لڳائي ڇڏي

پنجاب حڪومت 9 ۽ 10 محرم الحرام جي موقعي تي موٽرسائيڪل جي ٻيلهه سواري تي پابندي لڳائي ڇڏي، پنجاب جي 22 ضلعن کي حساس قرار ڏيندي رينجرز ۽ فوج کي به طلب ڪيو ويو آهي.

پنجاب جي گهرو کاتي موجب، محرم الحرام ۾ پنجاب سيڪريٽريٽ ۾ ڪنٽرول روم قائم ڪيو ويو اهي، جتي جلسن ۽ جلوسن جي مانيٽرينگ ڪئي ويندي.

گهرو کاتي موجب، پنجاب ۾ 10 محرم الحرام  جي مرڪزي جلوس جي رستي تي موبائل فون سروس بند ڪئي ويندي.

گهرو کاتي موجب، 9 ۽ 10 محرم الحرام  تي موٽرسائيڪل جي ٻيلهه سواري تي به پابندي هوندي.

پنجاب جي گهرو کاتي موجب، پنجاب جي 22 حساس ضلعن ۾ رينجرز کي به طلب ڪيو ويو آهي……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*