يمن جي صورتحال تي بحث لاءِ اڄ پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس ٿي رهيو آهي

يمن صورتحال تي بحث لاءِ اڄ پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس ٿي رهيو آهي، امڪان آهي ته وزيراعظم پارليامينٽ کي خطاب پڻ ڪندو، تحريڪ انصاف جا ميمبر به استعيفائون وٺي ٻيهر پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ شرڪت ڪندا.

اڄ يارهين وڳي ٿيندڙ پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ يمن جي صورتحال تي بحث ڪيو ويندو، حڪومت طرفان اجلاس کي اعتماد ۾ ورتو ويندو.

اجلاس جي ايجنڊا موجب، دفاع وارو وزير خواجه آصف يمن جي صورتحال تي بحث لاءِ رٿ پيش ڪندو ۽ موجوده صورتحال کان ايوان کي آگاهه ڪندو.

ان کانسواءِ خواجه آصف سعودي اختيارين سان ٿيل ڳالهين جي تفصيلن کان پارليامينٽ کي به آگاهي ڏيندو.

ذريعن موجب وزيراعظم نواز شريف پڻ گڏيل اجلاس کي خطاب دوران حڪومت موقف کان آگاهه ڪندو.

تحريڪ انصاف 7 مهينن کانپوءِ ٻيهر پارليامينٽ جو حصو بڻجي رهي آهي، عمران خان پارٽي جي ايم اين ايز سان گڏ پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ شرڪت ڪندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*