ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد سان ڊي جي ايف ڊبليو او انعام حيدر سان ملاقات ڪئي

ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد سان ڊي جي ايف ڊبليو او انعام حيدر سان ملاقات ڪئي، شيخ رشيد چيو ته گوادر ڪوئيٽا جو نئون سيڪشن اسٽينڊرڊ گيج تي ٺاهڻ چاهيون ٿا، تفتان ريلوي ٽريڪ زائرين لاءِ هڪ محفوظ سفري سهولت هوندي.

ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد سان ڊي جي ايف ڊبليو او انعام حيدر سان ملاقات ڪئي. جنهن دوران ريلوي بابت ڳالهيون ڪيون ويون.

ان موقعي تي شيخ رشيد چيو ته گوادر ڪوئيٽا جو نئون سيڪشن اسٽينڊرڊ گيج تي ٺاهڻ چاهيون ٿا. تفتان سيڪشن کي اسٽينڊرڊ گيج ۾ تبديل ڪيو ويندو.

هن چيو ته ڪراچي، پشاور سيڪشن تي به اسٽينڊرڊ گيج ۾ هڪ نئي الاٽمنٽ  ڪئي ويندي.

شيخ رشيد چيو ته ڪالو وال پنڊورا ٽريڪ الاٽمنٽ کي سڌو ڪيو ويندو، پاڪستان ريلوي قوم کي ڪڏهن مايوس نه ڪندي………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*