پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ سيد خورشيد شاهه بيگم ڪلثوم نواز کي جدو جهد جو نالو قرار ڏيندي

پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ سيد خورشيد شاهه بيگم ڪلثوم نواز کي جدو جهد جو نالو قرار ڏيندي، سندس وفات تي ڏک جو اظهار ڪيو آهي ۽ چيو آهي ته بيگم ڪلثوم نواز پرويز مشرف جي دور ۾ جيڪا جدوجهد ڪئي، اها تاريخ جو حصو رهندي.

سکر سول اسپتال جي دوري دوران ميديا سان ڳالهائيندي سيد خورشيد شاهه وڌيڪ چيوته  عمران خان ماڻهن سان جيڪي  واعدا ڪيا، انهن کي پورو نه ڪري رهيو آهي.

هن چيو ته عمران خان جي حڪومت گيس جون قيمتون 46 سيڪڙو وڌائي ڇڏيون آهن، جنهن سان عوام کي سخت پريشاني جو منهن ڏسڻو پوندو، ان جي باوجود اسان حڪومت کي موقعو ڏينداسن ته هو ڪم ڪري ، جيئن سڀاڻي ائين نه چون ته هنن جي ڪم ۾ رڪاوٽون وڌيون ويون.

خورشد شاهه چيو ته سکر سول اسپتال ۾ ڊاڪٽرن ۽ ٻئي عملي جي کوٽ سبب مريضن کي سخت تڪليف پيش اچي رهي آهي.

پ پ اڳواڻ جو چوڻ هو ته سکر ۾ 500 بسترن واري اسپتال جي ضرورت آهي، جيستائين ڊاڪٽرن جي کوٽ هوندي، مريضن جون شڪايتون رهنديون…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*