اسلام آباد هاءِڪورٽ ۾ ايون فيلڊ ريفرنس ۾ سزا معطلي جي درخواستن تي مريم نواز ۽ ڪئپٽن صفدر جي وڪيل امجد پرويز دليل مڪمل ڪري ورتا آهن

اسلام آباد هاءِڪورٽ ۾ ايون فيلڊ ريفرنس ۾ سزا معطلي جي درخواستن تي مريم نواز ۽ ڪئپٽن صفدر جي وڪيل امجد پرويز دليل مڪمل ڪري ورتا آهن، عدالت نيب پراسيڪيورٽر کان سڀاڻي طلب  ڪندي چيو آهي ته سومر تائين دليل مڪمل ڪيا ويندا.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس اطهر من الله ۽ جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب تي ٻڌل ٻه رڪني بينچ نوازشريف، مريم نواز ۽ ڪئپٽن رٽائرڊ صفدر جي سزا معطلي جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻي دوران عدالت پڇا ڪئي ته نوازشريف پنهنجي تقرير ۾ قطري جو ڪو ذڪر ڪيو هو، جنهن تي نواز شريف جي وڪيل خواجا حارث چيو ته نوازشريف جي تقرير ۽ قومي سان خطاب ۾ ڪو به اهڙو ذڪر نه آهي.

جسٽس اطهر من الله چيو ته سزا بي ناميدار تي ٿي آهي، ڪفالت هيٺ رهڻ تي نه ٿي آهي،  مريم نواز کي بينيفيشل  اونر قرار ڏئي والد جي ملڪيت لڪائڻ تي سزا ڏني وئي آهي.

عدالت چيو ته نوازشريف جي پراپرٽي بابت ثابت ٿيڻ تي مريم جو ڪردار سامهون ايندو. ٽرائل ڪورٽ جو فيصلو ڏسڻو آهي.

جسٽس اطهر من الله چيو ته ته مفروضي جي بنياد تي ڪريمنل سزا برقرار رهي سگهي ٿي.

نيب پراسيڪيوٽر چيو ته اوهان رڳو هڪ طرف جا دليل ٻڌا آهن، اسان پنهنجي دليلن سان عدالت کي مطمئن ڪنداسين.

مريم نواز جي وڪيل امجد پرويز دليل ڏيندي چيو ته اسان جو موقف آهي ته مريم نواز پنهنجي ڏاڏي جي نگراني ۾ هئي. مريم نواز کي خرچي به سندس ڏاڏو ئي ڏيندو هو. 342 جي بيان ۾ سارسنڀال بابت سوال نه پڇيو ويو.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ مريم نواز ۽ ڪئپٽن صفدر جي وڪيل امجد پرويز جا دليل مڪمل ٿيڻ تي ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

عدالت نيب پراسيڪيوٽر کي سڀاڻي دليل لاءِ طبل ڪندي چيو ته دليل سومر تائين مڪمل ڪيا وڃن……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*