وزيراعظم عمران خان وفاقي ڪابينا جو اجلاس سڀاڻي طلب ڪري ورتو، ذريعن موجب، اجلاس ۾ بجيٽ جي ترميمن جي منظوري ڏني ويندي

وزيراعظم عمران خان وفاقي ڪابينا جو اجلاس سڀاڻي طلب ڪري ورتو، ذريعن موجب، اجلاس ۾ بجيٽ جي ترميمن جي منظوري ڏني ويندي.

وفاقي ڪابينا جو اجلاس سڀاڻي وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ ٿي رهيو آهي. جنهن دوران بجيٽ جي ترميمن جي منظوري ڏني ويندي.

ذريعن موجب ان سلسلي ۾ تحريڪ انصاف جي حڪومت مالي سال 19-2018 جي فنانس واري بل ۾ وڏيون ترميمون آڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي جنهن تحت گذريل حڪومتي دور ۾ ٽيڪس مان ڇوٽ ڏيڻ واري معاملي ۾ پڻ ترميم ڪئي ويندي .

ذريعن موجب، مسلم ليگ ن جي حڪومت 12 لک رپين تائين سالياني آمدني وارن کي ٽيڪس مان ڇوٽ ڏني هئي پر هاڻ وفاقي حڪومت ان حد کي گهٽ ڪري 8 لک تائين آڻيندي.

ذريعن موجب فنانس ايڪٽ ۾ ترميمن ذريعي 800 ارب رپين جو واڌو ريونيو حاصل ڪيو ويندو، حڪومت ترقياتي بجيٽ ۾ 400 ارب رپين جي گهٽتائي ڪرڻ جو ارادو ڪيو آهي.

ذريعن  موجب، ايف بي آر ۾ ڪيترن ئي قدمن سان 400 ارب رپين کان وڌيڪ ٽيڪس لڳايا ويندا.

ذريعن موجب 14 سپٽمبر تي قومي اسمبلي جو اجلاس ان ئي سلسلي ۾ طلب ڪيو ويو آهي، حڪومت ان اجلاس دوران ئي فنانس بل اسمبلي ۾ پيس ڪندي.

ذريعن موجب، مالياتي بل ۾ ترميمن جو مقصد بجيٽ ۽ تجارتي خسارو گهٽ ڪرڻ آهي. ……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*