سريلنڪا جو صدر ميٿري پالا سري سينا اڄ وزيراعظم نواز شريف سان ملاقات ڪندو

پاڪستان جي دوري تي پهتل سريلنڪا جو صدر ميٿري پالا سري سينا اڄ  صدر ۽ وزيراعظم نواز شريف سميت اعليٰ اختيارين سان ملاقاتون ڪندو، جنهن دوران مختلف معاهدن تي صحيحن جو امڪان آهي.

پاڪستان پهچڻ بعد سريلنڪا جي صدر جي اسلام آباد ايئرپورٽ تي وزيراعظم نواز شريف ۽ ٻين اختيارين آجيان ڪئي، جڏهن ته کيس 21 توبن جي سلامي پڻ ڏني وئي.

ٽن ڏينهن جي دوري تي پهتل ميٿري پالا سري سينا پاڪستان جي دوري دوران وزيراعظم نواز شريف، صدر ممنون حسين ۽ ٻين اعليٰ اختيارين سان ملاقاتون ڪندو.

ميٿري پالا سري سينا سريلنڪا جو نئون چونڊيل صدر آهي، جنهن جو صدر چونڊجڻ کانپوءِ پاڪستان جو پهريون دورو آهي.

پرڏيهي آفيس جو چوڻ آهي ته سريلنڪن صدر جي پاڪستاني دوري دوران ٻنهي ملڪن وچ ۾ مفاهمت ۽ سهڪار جي ڪيترن ئي ٺاهن تي صحيحون ٿينديون.

ٻنهي ملڪن وچ ۾ مضبوط دفاعي لاڳاپن جو هڪ ڊگهو تسلسل آهي ۽ پاڪستان سريلنڪا کي فوجي سازوسامان به ماضي ۾ ڏيندو رهيو آهي، جيڪو تامل ٽائيگرز جي بغاوت کي دٻائڻ لاءِ استعمال ٿيندو رهيو آهي.

چين جيان پاڪستان به پنهنجي اتحادي ملڪ سريلنڪا جو عالمي فورمز تي اُن وقت دفاع ڪندو رهيو آهي، جڏهن سريلنڪا تي تامل باغين جي بغاوت کي دٻائڻ جي حوالي سان انساني حقن جي لتاڙ جهڙا الزام لڳندا رهيا آهن.

ميٿري پالا سري سينا جي جنوري ڌاري اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ سريلنڪا ۾ پرڏيهي پاليسي ۾ تبديلي جي حوالي سان بحث به تيز ٿي ويو آهي ۽ ان سلسلي ۾ ڪجهه تبديليون به نظر اچڻ لڳيون آهن.

ميٿرپالا سريسينا اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ پهريون سرڪاري دورو ڀارت جو ڪيو، جنهن جي جواب ۾ گذريل مهيني نريندر مودي به ڪولمبو جو دورو ڪيو.

پاڪستاني اختيارين جو چوڻ آهي ته سريلنڪا جي صدر جي دوري دوران واپاري ۽ معاشي لاڳاپن جي بهتري تي پاڪستان جو توجهه رهندو.

ٻنهي ملڪن وچ ۾ گذريل ڪجهه سالن دوران واپاري لاڳاپن ۾ استحڪام ته آيو آهي پر فري ٽريڊ ايريا ايگريمينٽ 2005 کانپوءِ اڃا به گنجائش آهي ته ٻئي ملڪ واپاري لاڳاپن کي وڌيڪ هٿي ڏين.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*