باجوڙ ايجنسي ۾ بارودي سرنگهه ۾ ڌماڪي جي نتيجي ۾ هڪ اهلڪار شهيد ٿي ويو

باجوڙ ايجنسي جي علائقي ماموند ۾ بارودي سرنگهه جي ڌماڪي جي نتيجي ۾ ليويز اهلڪار شهيد ٿي ويو، جڏهن ته  لڪي مروت ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ڪارروائي ڪري شاهه حسن خيل ۾والي بال ميچ دوران ڌماڪي ۾ ملوث دهشتگرد کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي .

 پوليٽيڪل انتظاميه موجب، باجوڙ ايجنسي ويجهو ماموند جي علائقي بادان ۾ رستي تي نصب ٿيل بم ڦاٽي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ ليويز اهلڪار شهيد ٿي ويو.

شهيد اهلڪار جي سڃاڻپ صوبديدار سلطان بخت جي نالي سان ڪئي وئي آهي.

لڪي مروت ۾ ڪائونٽر ٽيررزم فورس جي اهلڪارن ڳجهي اطلاع تي هڪ گهر تي ڇاپو هنيو، جنهن دوران دهشتگرد احمد علي کي گرفتار ڪيو ويو.

پوليس موجب، گرفتار دهشتگرد جو تعلق پابندي مڙهيل تنظيم تحريڪ طالبان سان آهي ۽ جوابدار طالبان جي اڳوڻي ڪمانڊر اشرف جو ڀاءُ آهي.

پوليس جو چوڻ آهي ته گرفتار دهشتگرد لڪي مروت جي علائقي شاهه حسن ۾ وال بال ميچ دوران ٿيل ڌماڪي جو ماسٽر مائينڊ هو، جڏهن ته جوابدار قتل ۽ دهشتگردي جي ٻين وارداتن ۾ به پوليس کي گهربل هو.

واضح رهي ته جنوري 2010 ۾ لڪي مروت ۾ والي بال ميچ دوران ڌماڪي جي نتيجي ۾ 100 ڄڻا مارجي ويا هئا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*