وفاقي حڪومت پاران نيلامي لاءِ پيش ڪيل4 هيليڪاپٽرز ناڪارا هئڻ جو انڪشاف ٿيو آهي

وفاقي حڪومت پاران نيلامي لاءِ پيش ڪيل4 هيليڪاپٽرز ناڪارا هئڻ جو انڪشاف ٿيو آهي.

برطانوي خابرو اداري جي هڪ رپورٽ اهو انڪشاف ٿيو آهي ته ، چار ئي هيليڪاپٽرز خراب آهن ۽ انهن مان هڪ به اڏام جي صلاحيت نٿو رکي.

وزير اعظم عمران خان جي صلاحڪار نعيم الحق هلندڙ هفتي پنهنجي ٽوئيٽر پيغام ۾ ان ڳالهه جو اعلان ڪيو هو ته ڪابينا ڊيوزن وٽ موجود 4 هيليڪاپٽرز ڪنهن جي استعمال هيٺ نه آهن، واڌو گاڏين جي نيلايمي کانپوءِ چئني هيليڪاپٽرز کي  نيلام ڪيو ويندو.

رپورٽ موجب، نعيم الحق جي اعلان کانپوءِ وزير اعظم هائوس مان ڪابينا ڊويزن کي هڪ خط موڪليو ويو، جنهن ۾ هيليڪاپٽرز کي نيلام ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي.

جوابي خط ۾ ڪابينا ڊويزن پاران آگاهه ڪيو ويو ته چئني هيليڪاپٽرز مان هڪ به هيليڪاپٽرز اڏام جي صلاحيت نٿو رکي، تنهنڪري سمورن هيليڪاپٽرز کي فوري طور نيلام ڪيو وڃي، ڇاڪاڻ ته انهن جي مرمت تي وڏو خرچ اچي ويندو.

رپورٽ موجب، بيل هيلي ڪاپٽر ڪمپني پاران تيار ڪيل هيليڪاپٽر ماڊل 1974، 1971، 1992-1993 ۾ پاڪستان آندا ويا، هيءَ هيلڪياپٽر مختلف مقصدن لاءِ استعمال ٿيڻا  آهن.

ان کانپوءِ پاڪستان نئين ماڊل جا وڌيڪ 6 هيليڪاپٽرز خريد ڪيا ۽ انهن پراڻن هيليڪاپٽرز جي ضرورت نه رهي، اهو ئي سبب آهي ته پراڻا هيليڪاپٽرز ڪنهن جي استعمال هيٺ نه هئا ۽ بيٺي بيٺي خراب ٿي ويا.

رپورٽ موجب، هيليڪاپٽرز رليف ۽ ريسڪيو ڪمن لاءِ آيا هئا، پر انهن هيليڪاپٽرز تي جديد هٿيار نصب ڪري سگهجن ٿا، تنهنڪري حڪومت مقامي خريدار کي اهي هيليڪاپٽر وڪرو نٿي ڪري سگهي.

جهڙي هيليڪاپٽرز جي حالت آهي، ڪو پرڏيهي خريدار به ملڻ ڏکيو آهي، تنهنڪري حڪومت کي خريدار ڳولڻ لاءِ جتن ڪرڻا پوندا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*