سپريم ڪورٽ اسلام آباد ۾ صنعتي ۽ ماحولياتي گدلاڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي دوران قدم نه کڻندڙ صنعتي يونٽس جا 5 پنج ڏينهن اندر تفصيل طلب ڪري ورتا

سپريم ڪورٽ اسلام آباد ۾ صنعتي ۽ ماحولياتي گدلاڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي دوران قدم نه کڻندڙ صنعتي يونٽس جا 5 پنج ڏينهن اندر تفصيل طلب ڪري ورتا،

چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو آهي ته جن ملز مالڪن ماحولياتي آلودگي جي روڪٿام لاءِ قدم ناهن کنيا انهن بابت رپورٽ پيش ڪئي وڃي، اهي سڌي ريت انساني حياتين سان کيڏي رهيا آهن، انهن کي عدالت جي طاقت جي خبر نه آهي، اسان انهن جي پنجاهه پنجاهه لک رپين جي سيڪيورٽي ضبط ڪري ڇڏينداسين.

سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس جي سربراهي ۾ ٽه رڪني بينچ صنعتي ۽ ماحولياتي آلودگي بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻي دوران عدالت ريمارڪس ڏيندي چيو ته ڊائريڪٽر ايڇ آر سيل سپريم  ڪورٽ ۽ ڊي جي ماحوليات صنعتي يونٽس جو معائنو ڪري پنج ڏينهن ۾ رپورٽ پيشن ڪن

عدالت ريمارڪس ڏيندي چيو ته معائنو ڪري ٻڌايو وڃي ته  ڪيترا صنعتي يونٽس فعال آهن.

عدالت ريمارڪس ڏيندي چيو ته ڪهڙن صنعي يونٽس هن وقت تائين آلودگي  ورڪڻ لاءِ قدم نه کنيا آهن، رپورٽ پيش ڪئي وڃي.

عدالت چيو ته اسان کي تفصيلي ۽ جامع رپورٽ ڏني وڃي ته جيئن صورتحال واضح ٿي سگهي. چيو پيو وڃي ته صنعتي آلودگي روڪڻ لاءِ قدم کنيا ويا آهن.

ماحولياتي تحفظ بابت  ڊي جي چيو ته انهن ڪي به قدم نه کنيا آهن ۽ نه ئي کين معائني جي اجازت ڏني وئي آهي. جنهن تي چيف جسٽس چيو ته مل مالڪن کي عدالت جي طاقت جو اندازو نه آهي.

چيف جسٽس چيو ته اهي ماڻهو سڌي ريت انساني حياتين سان کيڏي رهيا آهن، اسان انهن جي پنجاهه پنجاهه لک رپين جي سيڪيورٽي ضبط ڪري ڇڏينداسين،

ڊي جي ماحوليات چيو ته انهن ته اسان کي واچ ڊاگ مان ڊاگ بڻائي ڇڏيو آهي، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته جن سيڪيورٽِ جمع نه ڪرائي، انهن کان اٺ سيڪڙو مارڪ اپ وٺنداسين، اهي سمورا پيسا ڊيم ۾ ويندا.

سپريم ڪورٽ ماحولياتي گدلاڻ جي ڪيس جي ٻڌڻي 24 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*