سپريم ڪورٽ منرل واٽر ڪمپنين تي پاڻمرادو نوٽيس وٺندي سمورين ڪمپنين، اٽارني جنرل ۽ صوبن جي ايڊووڪيٽس جنرلز کي نوٽيس جاري ڇڏيا

سپريم ڪورٽ منرل واٽر ڪمپنين تي پاڻمرادو نوٽيس وٺندي سمورين ڪمپنين، اٽارني جنرل ۽ صوبن جي ايڊووڪيٽس جنرلز کي نوٽيس جاري ڇڏيا، عدالت سمورين منرل واٽر ڪمپنين کان اڄ شام تائين تفصيل طلب ڪري ورتا، لاهور سپريم ڪورٽ رجسٽري ۾ ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪئي وئي.

سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس جي سربراهي ۾ ٽه رڪني بينچ ڪٽاس راج مندر جي تلاءُ خشڪ ٿيڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻي دوران چيف جسٽس پنجاب ۾ منرل واٽر تي پاڻمرادو نوٽيس ورتو.

چيف جسٽس سمورين ڪمپنين کان اڄ شام تائين تفصيل طلب ڪندي ڪيس سڀاڻي لاهور رجسٽري ۾ ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪري ڇڏيو.

سپريم ڪورٽ سمورين ڪمپنين، اٽارني جنرل ۽ صوبن جي ايڊووڪيٽس جنرلز کي به نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*