سپريم ڪورٽ اويڪيو پراپرٽي ٽرسٽ جو چيئرمين مقرر ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

سپريم ڪورٽ اويڪيو پراپرٽي ٽرسٽ جو چيئرمين مقرر ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، چيف جسٽس ميان ثاقب نثار ريمارڪس ڏيندي چيو آهي ته ايوڪيو پراپرٽي ٽرسٽ جو چيئرمين مقرر ڪرڻ حڪومت جو اختيار آهي، هاڻ جيڪڏهن ڪا به مقرري پنهنجا نوازي ۽ سياسي بنيادن تي ٿي ته عدالت مداخلت ڪندي، جهانگير ترين ڪيس ۾ سياسي مقررين بابت فيصلو به ڏئي چڪا آهيون.

سپريم ڪورٽ ۾ ماحولياتي آلودگي ڪيس جي  ٻڌڻي دوران چيف جسٽس اويڪيو پراپرٽي ٽرسٽ جي چيئرمين کي مقرر ڪرڻ جو حڪم ڏنو.

چيف جسٽس هدايت ڪندي چيو ته ڪنهن معتبر شخص کي اويڪيو ٽرسٽ جو چيئرمين مقرر ڪيو وڃي.

چيف جسٽس  ريمارڪس ڏيندي چيو ته اويڪيو ٽرسٽ چيئرمين مقرر ڪرڻ حڪومت جو اختيار آهي.

 چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته هاڻ پنهنجا نواز  يا سياسي بنيادن تي ڪا به مقرري نه ڪئي ويندي.

چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته، جتي به سياسي بنيادن تي مقرري ڪئي ويندي، اتي عدالت مداخلت ڪندي، جهانگير ترين جي ڪيس ۾ سيسي مقررين بابت فيصلو ڏئي چڪا آهيون.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*