ڀارتي ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان مهيندر سنگهه ڌوني جوچوڻ آهي ته نيئن ڪپتان کي ورلڊڪپ 2019جي تياري لاءِ وقت گهربل هو،جنهن سبب هن ڪپتاني ڇڏي

ڀارتي ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان مهيندر سنگهه ڌوني جوچوڻ آهي ته نيئن ڪپتان کي ورلڊڪپ 2019جي تياري لاءِ وقت گهربل هو،جنهن سبب هن ڪپتاني ڇڏي.

ڀارتي اخبار مطابق جهارکنڊ جي شهر رانچي ۾منعقد ٿيل هڪ تقريب دوران ميڊيا سان ڳالهائيندي اڳوڻي ڪتپان جو چوڻ هوته صحيح وقت تي ڪپتاني ڇڏي.

هن چيو ته هوچاهي پيو ته ويرات ڪوهلي کي ڪرڪيٽ ورلڊڪپ 2019جي تياري لاءِ ڪافي وقت ملي وڃي.

ايم ايس ڌوني جو چوڻ هو ته نيئن ڪپتان کي مناسب وقت ڏيڻ بغير سٺي ٽيم تيار ڪرڻ نا مڪمن آهي، سندس خيال ۾ هن مناسب وقت تي ڪپتاني کي الوداع ڪيو.

واضح رهي ته ڌوني جي قيادت ۾ 2007۾ آِءِ سي سي ٽي-ٽوئنٽي جو افتتاحي ايڊيشن کٽِيو، جنهن بعد سندس قيادت ۾ ڀارتي ٽيم 2011جو ڪرڪيٽ ورلڊڪپ کٽيو۽2013۾چيمپيئنز ٽرافي پڻ انڊين ٽِيم ڌوني جي ڪپتاني هيٺ کٽي هئي.

ايم ايس ڌوني 2014۾ٽِيسٽ ڪرڪيٽ کان رٽائرمنٽ جو اعلان ڪيو، جنهن بعد هن 2017۾ سمورن فارميٽ جي ڪپتاني ڇڏي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*