شهيد بينظير ڀٽو قتل ڪيس جي ٻڌڻي بنا ڪارروائي جي ملتوي ڪئي وئي

شهيد بينظير ڀٽو قتل ڪيس جي ٻڌڻي بنا ڪارروائي جي ملتوي ڪئي وئي آهي، دهشتگردي ٽوڙ عدالت جو جج تبديل ٿيڻ سبب ٻڌڻي نه ٿي سگهي.

راولپنڊي جي  خاص عدالت ۾ شهيد بينظير ڀٽو قتل ڪيس جي ٻڌڻي ٿيڻي هئي، جنهن دوران عدالتي حڪم تي 5 جوابدار اعتزاز شاهه، شيرزمان، رفاقت، حسنين گل ۽ مفتي عبدالر شيد بيان رڪارڊ ڪرڻ لاءِ عدالت ۾ پيش ٿيا.

خاص عدالت ۾ ضمانت تي آزاد ٿيل اڳوڻو سي پي او سعود عزيز ۽ اڳوڻي ايس پي راول ٽائون خرم شهزاد جا وڪيل ڪورٽ ۾ پيش ٿيا پر دهشتگردي ٽوڙ عدالت جو جج تبديل ٿيڻ سبب ٻڌڻي نه ٿي سگهي.

دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي ٻڌڻي ڪندڙ جج ڇهون ڀيرو تبديل ڪيو ويو آهي.

واضح رهي ته ڪيس جي مک شاهد آمريڪي صحافي مارڪ سيگل سڪيورٽي خدشن سبب پاڪستان اچڻ کان انڪار ڪيو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*