ايشيا ڪپ ڪرڪيٽ ٽورنامنٽ جي افتتاحي ميچ سڀاڻي سري لنڪا ۽بنگلاديش جي ٽيمن وچ ۾ کيڏي ويندي
ايشيا ڪپ ڪرڪيٽ ٽورنامنٽ جي افتتاحي ميچ سڀاڻي سري لنڪا ۽بنگلاديش جي ٽيمن وچ ۾ کيڏي ويندي.
ميگا ايونٽ جي افتتاحي ميچ کان پهرين ٻنهي ٽيمن آءِ سي سي ڪرڪيٽ اڪيڊمي ۾ رات جي وقت ڀرپور ٽريننگ سيشن ۾ شرڪت ڪئي.
ايشِيا ڪپ ڪرڪيٽ ٽورنامنٽ ۾ سري لنڪن ٽيم کي فيوريٽ قرار ڏنو پيو وڃي.
ايونٽ جي افتتاحي ميچ کان پهرين ٻنهي ٽيمن وچ ۾ 1986کان 2018تائين مجموعي طور تي 44 ون ڊي ميچز کيڌيون ويون آهن.
انهن ميچز مان سري لنڪن ٽيم 36ميچز ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي،جڏهن ته بنگلاديشي ٽيم کي 6ميچز ۾ فتح حاصل ٿي.