پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي نوجوان بيٽسمين امام الحق چيو آهي ته ڀارتي ٽيم خلاف ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ سمورن رانديگرن ڀرپور تياري ڪئي آهي

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي نوجوان بيٽسمين امام الحق چيو آهي ته ڀارتي ٽيم خلاف ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ سمورن رانديگرن ڀرپور تياري ڪئي آهي.

گڏيل عرب امارات ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي قومي ٽيم جي اوپنر امام الحق چيو ته ڀارتي ٽيم ۾ ويرات ڪوهلي جي غير موجودگي جو مقصد اهو نه آهي ته انڊين ٽِيم آسان حريف ثابت ٿيندي.

هن چيو ته ڀارتي ٽيم ۾ مهيندر سنگهه ڌوني وڏو تجربو رکندڙ بيٽسمين آهي،جنهن جي وڪيٽ حاصل ڪرڻ پهرين ترجيح هوندي.

هن وڌيڪ چيو ته ايونٽ ۾ شريڪ سموريون ٽيمن جن ۾ ڀارت، سري لنڪا، بنگلاديش ۽ افغانستان شامل آهن ، بهترين رانديگرن تي ٻڌل آهن،جن خلاف ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ ٽنهي شعبن ۾شخت محنت ڪرڻ جي ضرورت آهي.

امام الحق چيو ته هانگ ڪانگ جي ٽيم ايونٽ ۾ نئين ٽيم آهي ۽ ٽيم ۾ شامل بالرز ۽بيٽسمينن جي ڪوشش هوندي ته پنهنجي ڪارڪردگي کي بهتر بڻائڻ، ڀارتي ٽيم خلاف اهم ميچ ۾ اهي مڪمل فارم ۾ هجن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*