قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي فيلڊنگ ڪوچ گرانٽ براڊ برن جو چوڻ آهي ته ٽيم جي فيلڊنگ کي بهتر بڻائڻ سندس پهرين ترجيح آهي

قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي فيلڊنگ ڪوچ گرانٽ براڊ برن جو چوڻ آهي ته ٽيم جي فيلڊنگ کي بهتر بڻائڻ سندس پهرين ترجيح آهي.

قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي نئين فيلڊنگ ڪوچ گرانٽ براڊ برن گذريل ڏينهن ئي ٽيم کي دبئي ۾ جوائن ڪيو ۽ پهرين ڏينهن رانديگرن سان پريڪٽس سيشن ۾ شرڪت ڪئي.

دبئي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي گرانٽ براڊ برن چيو ته پاڪستاني رانديگرن سان گڏ پهرين ڏينهن ٽريننگ سيشن بهترين رهيو ۽ ٽيم ۾ شامل سمورن رانديگرن جي فٽنس ۽فيلڊنگ جو معيار بهتر آهي.

گرانٽ براڊ برن وڌيڪ چيو ته خوشِي جي ڳالهه اها آهي ته پاڪستاني رانديگر سکڻ لاءِ تيار آهن ۽فيلڊنگ جي بنيادي ڳالهين کان واقف آهن.

واضح رهي ته قومي ٽيم ايشيا ڪپ ڪرڪيٽ ٽورنامنٽ کيڏڻ لاءِ دبئي ۾ موجود آهي، جتي ميگا ايونٽ جي افتتاحي ميچ سڀاڻي دبئي بنگلاديش ۽ سري لنڪا جي ٽيمن وچ ۾ کيڏي ويندي.

پاڪستان جي ٽيم  ايونٽ جي پهرين ميچ 16تاريخ تي هانگ ڪانگ خلاف کيڏندي ۽ 19تاريخ تي روائتي حريف ڀارت سان مهاڏو اٽڪائيندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*