پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم اڄ ٽيئن ڏينهن به انٽرنيشنل ڪرڪيٽ اڪيڊمي ۾ ٽريننگ سيشن ۾ شرڪت ڪندي

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم اڄ ٽيئن ڏينهن به انٽرنيشنل ڪرڪيٽ اڪيڊمي ۾ ٽريننگ سيشن ۾ شرڪت ڪندي.

پاڪستان جي ٽيم گذريل ٽن ڏينهن کان آءِ سي سي ڪرڪيٽ اڪيڊمي ۾ڀرپور ٽريننگ سيشنز ۾ مصروف آهي.

ٽريننگ سيشن دوارن ٽيم ٻن مرحلي ۾ تياريون ڪري رهي آهي، پهرين مرحلي ۾ فزيڪل فٽنس، جنهن بعد ٽيم نيٽ ۾ بيٽنگ ۽ بالنگ جي پريڪٽس تي ڌيان ڏئي رهي آهي.

قومي ٽيم جو هيڊ ڪوچ مڪي آرٿر، تازو مقرر ٿيل فيلڊنگ ڪوچ گرانٽ براڊ برن، بيٽنگ ڪوچ گرانٽ فلاور ۽ بالنگ ڪوچ اظهر محمود ٽيم جي سمورن رانديگرن جي ڪارڪردگي جو جائزو وٺي رهيا آهن.

ايشِيا ڪپ جي سلسلي ۾ سمورا رانديگرن ڀرپور ٽريننگ سيشنز ۾ مصروف آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*