ايف آءِ اي جعلي بئنڪ اڪائونٽس واري اسڪينڊل ۾ گرفتار انور مجيد ۽ عبدالغني مجيد جي علاج لاءِ سپريم ڪورٽ کي خط لکي ڇڏيو

ايف آءِ اي جعلي بئنڪ اڪائونٽس واري اسڪينڊل ۾ گرفتار انور مجيد ۽ عبدالغني مجيد جي علاج لاءِ سپريم ڪورٽ کي خط لکي ڇڏيو، خط ۾ چيو ويو آهي ته انور مجيد 17 آگسٽ کان ڪراچي جي اسپتال ۾ علاج هيٺ آهي ۽ عبدالغني مجيد جي به طبيعت بهتر نه آهي، سندن علاج لاءِ ماهر ڊاڪٽرز تي ٻڌل ميڊيڪل بورڊ جوڙيو وڃي.

ايف آءِ اي جعلي بئنڪ اڪائونٽس واري اسڪينڊل ۾ گرفتار انور مجيد ۽ عبدالغني مجيد جي علاج لاءِ ميڊيڪل بورڊ جوڙڻ لاءِ سپريم ڪورٽ کي خط لکي ڇڏيوآهي.

خط ۾ چيو ويو آهي ته انور مجيد کي 15 آگسٽ تي گرفتار ڪيو ويو هو.

خط موجب، 17 آگسٽ کان ڪراچي جي اسپتال ۾ علاج هيٺ آهي ۽ عبدالغني مجيد جي به طبيعت بهتر نه آهي، سندن علاج لاءِ ماهر ڊاڪٽرز تي ٻڌل ميڊيڪل بورڊ جوڙيو وڃي.

خط ۾ جي آءِ ٽي جي پاران ڪم شروع ڪرڻ بابت پڻ آگاهي ڏني وئي.

چيف جسٽس اڳ ئي انهن جو معائنو پمز يا الشفاءَ اسپتال ۾ ڪرائڻ جو حڪم ڏئي چڪو آهي.

خط ۾ ٻڌايو ويو آهي ته سپريم ڪورٽ طرفان جوڙيل جي آءِ ٽي ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي ۽ ڪراچي ۾ آفيس به کولي وئي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*