سپريم ڪورٽ ۾ ڍل جي رقم مقرر ڪرڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي  دوران چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو آهي ته ڍل جي في ايڪڙ رقم 15 سالياني مقرر ڪئي وئي ته 67 ارب اوڳاڙي ٿيندي

سپريم ڪورٽ ۾ ڍل جي رقم مقرر ڪرڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي  دوران چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو آهي ته ڍل جي في ايڪڙ رقم 15 سالياني مقرر ڪئي وئي ته 67 ارب اوڳاڙي ٿيندي، پاڻي معاملي تي ڪميٽي جوڙي رهيا آهيون، جنهن ۾ مخدوم علي خان، سلمان بٽ شامل هوندا.

سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس ڪي سربراهي ۾ ٽه رڪني بينچ ڍل جي رقم مقرر ڪرڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻي دوران جسٽس اعجاز الحسن پڇا ڪئي ته پاڻي جي قيمت جو طريقو ڪهڙو آهي؟

چيف جسٽس ميان ثاقب نثار ريمارڪس ڏيندي چيو ته پاڻي معاملي تي ڪميٽي ٺاهي رهيا آهيون، ڪميٽي ۾ مخدوم علي خان، سلمان اسلم بٽ شامل هوندا.

چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته 2 ارب رپين جي رهتن کان گهٽ وصولي ڪئي وئي آهي.

عدالت چيو ته ڍل جي في ايڪڙ جي رقم 15 سئو سالياني ڪئي وڃي ته 67 ارب رپيا وصول ڪيا ويندا.

جسٽش عمر عطا بنديال چيو ته اسان جي شاخن جو نظام سٺو نه آهي، پاڻي ضايع ٿي ويندو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*