لاهور هاءِ ڪورٽ يوحنا آباد سانحي کانپوءِ مبينا طور گم ٿيل 14 ڄڻن کي 8 اپريل تائين پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

لاهور هاءِ ڪورٽ، يوحنا آباد سانحي کانپوءِ مبينا طور گم ٿيل 14 ڄڻن کي 8 اپريل تائين پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

جسٽس عبدالسميع خان جي سربراهي ۾ لاهور هاءِ ڪورٽ جي بينچ يوحنا آباد سانحي کانپوءِ مبينا طور گم ٿيل 14 ڄڻن جي بازيابي بابت درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻيءَ دوران ايس ايس پي انويسٽيگيشن عدالت ۾ رپورٽ پيش ڪندي ٻڌايو ته جن کي گم ڄاڻايو پيو وڃي، انهن مان 11 ڄڻا پنهنجي گهرن ۾ پهچي چڪا آهن.

جسٽس عبدالسميع خان پوليس جي رپورٽ رد ڪندي چيو ته جيڪڏهن 11 ڄڻا گهرن ۾ پهچي چڪا آهن ته پوءِ عدالت ۾ پيش ڇو نه ٿو ڪيو وڃي.

جسٽس عبدالسميع خان ريمارڪس ۾ چيو ته پوليس رپورٽ ۾ جن ماڻهن جي بازيابي جو ذڪر ڪيو آهي، درخواست ۾ انهن جا نالا ئي ناهن.

عدالت، پوليس کي حڪم ڏنو ته 8 اپريل تائين 14 ئي ڄڻن کي بازياب ڪرائي هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ڪيو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*