ترڪ پرڏيهي وزير ميولوت چاويش ۽ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي وچ ۾ اعليٰ سطحي وفد سوڌو ملاقات دوران مختلف شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ تي اتفاق ٿيو آهي

ترڪ پرڏيهي وزير ميولوت چاويش ۽ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي وچ ۾ اعليٰ سطحي وفد سوڌو ملاقات دوران مختلف شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ تي اتفاق ٿيو آهي، شاهه محمود قريشي چيو آهي ته، ترڪي سدائين ڏکئي وقت ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏنو آهي، ٻنهي ملڪن وچ ۾ عوامي سطح جا لاڳاپا مضبوط ٿي رهيا آهن، ڪشمير ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙي ٿي رهي آهي، عالمي برادري ڪردار ادا ڪري.

اسلام آباد ۾ ترڪ پرڏيهي وزير ميولوت چاويش ۽ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي وچ ۾ اعليٰ سطحي وفد سوڌو ملاقات ٿي، جنهن دوران مختلف شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو.

ملاقات کانپوءِ گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي شاهه محمود قريشي چيو ته ترڪي ۽ پاڪستان جا لاڳاپا رڳو حڪومتي سطح تي محدود نه آهن پر ٻنهي ملڪن وچ ۾ مضبطو ثقافتي ۽ عوامي تعلق قائم آهي.

هن چيو ته ترڪي هميشه ڏکئي وقت ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏنو آهي، اڄ ڳالهين دوران مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ  ٿي آهي.

پاڪستاني پرڏيهي وزير چيو ته ڳالهين دوران پاڪستان ۽ ترڪي وچ ۾ تازو طئي ڪيل دفاعي معاهدي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

هن چيو ته ملاقات دوران اقتصادي ڀائيواري، تجارت بابت ٻطرفن لاڳاپن جي معيار کي وڌائڻ ۽ هڪ ٻئي کي سهولتون ڏيڻ بابت ڳالهيون ٿيون.

شاهه محمود قريشي چيو ته ڪشمير ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙي ٿي رهي آهي، عالمي برادري ڪردار ادا ڪري.

ان موقعي تي ترڪ پرڏيهي وزير ميولوت چاوش اولو چيو ته نئين حڪومت جي قيام تي وزيراعظم عمران خان کي هو واڌايون پيش ڪري ٿو.

ترڪ پرڏيهي وزير چيو ته حڪومتون تبديل ٿينديون رهنديون آهن، نوان ماڻهو ايندا رهندا آهن پر اصل دوستي عوام سان هوندي آهي، جنهن کي قائم رکڻ لاءِ ڪوششون ڪندا  رهنداسين.

ترڪ پرڏيهي وزير چيو ته اڄ ڳالهين دوران شاهه محمود قريشي سان مختلف معاملن تي ڳالهيون ٿيون آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*