سپريم ڪورٽ ڪٽاس راج مندر جي تلاءُ بابت ڪيس جي ٻڌڻي دوران لوڪل گورنمنٽ جي سيڪريٽري کان ايندڙ هفتي تائين تفصيلي رپورٽ طلب ڪري ورتي

سپريم ڪورٽ ڪٽاس راج مندر جي تلاءُ بابت ڪيس جي ٻڌڻي دوران لوڪل گورنمنٽ جي سيڪريٽري کان ايندڙ هفتي تائين تفصيلي رپورٽ طلب ڪري ورتي، چيف جسٽس ميان ثاقب نثار ريمارڪس ڏيندي چيو ته ڪنهن خاص فيڪٽرين کي ٽارگيٽ نه ڪيو وڃي، رڳو ڪرسين تي ويهي ڪم نه ڪيو وڃي، رات جو 12 وڳي تائين ڪم ڪيو وڃي، پاڻي هاڻ سون جي قيمت جي شيءَ بڻجي ويو آهي. ڪنهن کي به مفت ۾ نه ملندو.

سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس جي سربراهي ۾ ڪٽاس راج مندر جي خشڪ ٿيل تلاءُ جي ڪيس ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻي دوران چيف جسٽس پڇا ڪئي ته سيمينٽ فيڪٽرين کي متبادل پاڻي جو انتظام ڪرڻو هو، ٻڌايو وڃي ته فيڪٽرين پاران استعمال ٿيندڙ پاڻي جي قيمت طئي ڪئي  وئي يا نه؟ جنهن تي ڊي جي ماحوليات پنجاب ٻڌايو ته فيڪٽرين جي مانيٽرنگ ڪري رهيا آهيون.

سيڪريٽري بلديات چيو ته ڊي جي خان ۽ بيسٽ وي فيڪٽري اگهه طئي ڪري ڇڏيو آهي.

چيف جسٽس پڇا ڪئي ته باقي سيمنٽ فيڪٽرين ڇو هن وقت تائين ريٽ ڇو نه طئي ڪيو آهي؟

چيف جسٽس سيڪريٽري بلديات جي هدايت  تي رات 12 وڳي تائين ڪم ڪيو وڃي، پاڻي هاڻ مفت نه ملندو، اهو هڪ سوني جي شيءَ بڻجي ويو آهي.

چيف جسٽس سيڪريٽري بلديات کي مخاطب ٿيندي چيو ته اهي ڪم آفيس ۾ ويهي نه ٿيندا آهن، ٻاهر نڪرڻو پوندو آهي،  پنجاب جي سمورين فيڪٽرين جي صورتحال معلوم ڪئي وڃي.

چيف جسٽس پڇا ڪئي ته ڇا پنجاب جون سيمنٽ فيڪٽريون پاڻي جي قيمت ادا ڪري رهيون آهن يا نه؟ اڱاري تائين  رپورٽ پيش ڪئي وڃي ۽ پاڻي جو اگهه طئي ڪرڻ جي طريقيڪار جي رپورٽ به پيش ڪئي و ڃي.

جسٽس عمر عطا بنديا چيو ته فيڪٽرين ۾ ريورس او موسس پلانٽس لڳايا وڃن.

سپريم ڪورٽ ڪيس جي ٻڌڻي 18 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي……………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*