مٺي ، مٺي ۾ امام بارگاه شعيب ابو طالب تان مجلس ٻڌي واپس موٽندڙ عزادارن تي رات دير سان نشي جي حالت ۾ فائرنگ ڪندڙ

مٺي ، مٺي ۾ امام بارگاه شعيب ابو طالب تان مجلس ٻڌي واپس موٽندڙ عزادارن تي رات دير سان نشي جي حالت ۾ فائرنگ ڪندڙ ، پ پ يوٿ ونگ جي ضلعي اڳواڻ نواز باغي ۽ سندس ڀاء عاطف ڪنڀار کي گرفتار ڪري ورتو آهي. جڏهن ته پوليس پاران نشي ۾ ڌت ٿي فائرنگ ڪرڻ جي الزام ۾ گرفتار پ پ اڳواڻ نواز باغي کان فائرنگ ۾ استعمال ٿيل پسٽل ۽ گوليون هٿ ڪرڻ جي دعوا ڪئي ويئي آهي. ايس ايڇ او مٺي جو چوڻ آهي ته پڙ مان موٽندڙ عزادارن تي نشي جي حالت ۾هوائي فائرنگ ڪئي هئي اسان نواز ڪنڀار ۽ سندس ڀاء کي گرفتارڪري نواز ڪنڀار جو ميڊيڪل ڪرايو آهي. هن چيو ته اڃان تائين جن عزادارن تي هوائي فائرنگ ڪئي ويئي انهن مان ڪوبه ڪيس داخل ڪرائڻ لاء نه آيو آهي، ايس ايڇ او ٻڌايوته جوابدار نواز باغي نشي ۾ هو ۽ ڪجهه شراب وڌيڪ پئ وڃڻ ڪري هن هوائي فائرنگ ڪئي آهي هي وڪالت به ڪندوآهي انهي ڪري وڪيل جو وفد راڄوڻي لاء ڪوشش ڪري رهيو آهي، ۽ جوبدار پوليس کي ٻڌايو ته آئون چندر شرما جي قتل واري واقعي بعد هو ليسن وارو پسٽل پاڻ سان رکندو آهي رات شڪ ۾ مون سمجهيو الائي ڪير آهن مون انهي ڪري هوائي فائرنگ ڪئي .

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*