ڏوڪري تعلقي جي سب رجسٽرار آفيس ٻن مهينن کان بند هئڻ سبب ڪم سانگي ايندڙ ماڻهن کي سخت پريشاني جو منهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي

ڏوڪري تعلقي جي سب رجسٽرار آفيس ٻن مهينن کان بند هئڻ سبب ڪم سانگي ايندڙ ماڻهن کي سخت پريشاني جو منهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي.

سب رجسٽرار جي آفيس ٻن مهينن کان بند هئڻ سبب ملڪيتن جي خريداري توڙي وڪري جا دستاويز ۽ ٻيا ڪاغذ رجسٽرڊ نه ٿي رهياآهن، جنهن جي ڪري ماڻهن کي تڪليف پيش اچي رهي آهي ۽تعلقي ۾ ملڪيتن جي خريداري ۽ وڪري جو ڪارو بار بند ٿي ويو آھي.

علائقي واسين سنڌ سرڪار کان مطالبو ڪيو آھي ته ڏوڪري تعلقي جي سب رجسٽرار آفيس کولي عوام کي پريشاني کان بچايو وڃي………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*