پاڪستان کي يمن جنگ ۾ ڀائيواري نه ڪرڻ گهرجي، شيرين مزاري

پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شيرين مزاري چيو آهي ته يمن معاملي تي سندن موقف آهي ته کين پرائي جنگ ۾ ڦاسڻ نه گهرجي، حڪومت جوڊيشل ڪميشن وارو مطالبو مڃي ورتو تنهنڪري هو پارليامنٽ ۾ ڪردار ادا ڪندا، شفقت محمود جو چوڻ آهي ته هو هو اڄ به ان ڳالهه تي قائم آهن ته پارليامنٽ ڌانڌلين سان جوڙي آهي.

اسلام آباد ۾ پارليامنٽ هائوس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي شيرين مزاري چيو ته پاڪستان کي يمن جنگ ۾ ڀائيواري نه ڪرڻ گهرجي.

هن چيو ته يمن معاملي سان مڪي ۽ مديني جو ڪو به تعلق نه آهي تنهنڪري ان کي مختلف رنگ نه ڏنا وڃن.

شيرين مزاري جو چوڻ هو ته سندن جوڊيشل ڪميشن جي قيام وارو مطالبو مڃڻ کان پوءِ هو پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندا.

هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته هنن پارليامنٽ تي ڪو به حملو نه ڪيو تنهنڪري معافي ڇا جي ورتي وڃي.

ان موقعي تي تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شفقت محمود چيو ته جوڊيشل ڪميشن جو قيام سندن وڏي ڪاميابي آهي.

هن چيو ته ملڪي تاريخ ۾ پهرين ڀيرو ڌانڌلي جي جاچ ٿي رهي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*