سنڌ هاءِ ڪورٽ ميمڻ ڳوٺ جي ايس ايڇ او کي رهواسين کان رشوت وٺڻ ۽ کين حراسان ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو

سنڌ هاءِ ڪورٽ ميمڻ ڳوٺ جي ايس ايڇ او کي رهواسين کان رشوت وٺڻ ۽ کين حراسان ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو، عدالت درخواست تي مختيارڪار ۽ ايس ايڇ او سميت ٻين کي نوٽيسز جاري ڪندي 11 آڪٽوبر تائين جواب طلب ڪري ورتو آهي.

رهواسين درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ته ايس ايڇ او ۽ مختيارڪار تعميراتي ڪمن ۾ مداخلت ڪري رهيا آهن.

درخواست ۾ چيو ويو ته پوليس هر روز 2 هزار روپيا رشوت گهري رهي آهي.

عدالت درخواست تي ڌرين کي نوٽيسز جاري ڪندي پوليس کي رهواسين کان رشوت وٺڻ ۽ کين حراسان ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*