وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ملڪ ۾ احتساب ضروري آهي، بيورو ڪريسي کي سياسي مداخلت کان پاڪ ڪري اُن جو تحفظ ڪنداسين

وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ملڪ ۾ احتساب ضروري آهي، بيورو ڪريسي کي سياسي مداخلت کان پاڪ ڪري اُن جو تحفظ ڪنداسين، پئسو چوري ڪرڻ لاءِ ادارن کي تباهه ڪيو ويو،  پاڪستان قرضن جو روزانو 6 ارب رپيا وياج ڀري رهيو آهي.

اسلام آباد ۾ سول سرونٽس کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته پاڪستان تي 30 هزار ارب رپين جو قرض آهي، جنهن تي روزاني 6 ارب رپيا وياج ڏنو پيو وڃي.

هن چيو ته ملڪ آزاد ٿيڻ کانپوءِ وٺي حڪمرانن جو مائينڊ سيٽ تبديل نه ٿيو آهي، ڪو به ڪم ڪرڻ لاءِ انسان کي پاڻ تبديل ڪرڻو پوندو آهي.

عمران خان چيو ته ،  حڪمرانن غريبن جي پئسن تي عياشي سبب انگريزن جي روايت برقرار رهي.

هن چيو ته ملڪ ۾ احتساب ضروري آهي، جيڪو پاڻ کي تبديل نه ٿو ڪري الله سندس حالت تبديل نه ڪندو آهي.

هن چيو ته قوم ۽ حڪومت هڪ هجن ته فوج 6 لک بدران 20 ڪروڙ ٿي ويندي آهي.

وزيراعظم چيو ته سرڪاري آفيسر جيستائين پاليسي تي عملدرآمد نه ڪرائيندا اسان ڪامياب نه ٿي سگهنداسين.

هن چيو ته پاڪستان ۾ سڀ کان وڌيڪ ٻارڙا گندو پاڻي واپرائڻ سبب فوت ٿي رهيا آهن.

وزيراعظم عمران خان چيو ته بيورو ڪريسي کي سياسي دٻاءَ کان بچايو ويندو، ڪامورا شاهي جي شڪايتن تي نيب چيئرمين جاويد اقبال سان ڳالهايو آهي……………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*