اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف جي گهرواري بيگم ڪلثوم نواز جي جنازي نماز اڄ شام پنجين وڳي ادا ڪئي ويندي

اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف جي گهرواري بيگم ڪلثوم نواز جي جنازي نماز اڄ شام پنجين وڳي ادا ڪئي ويندي،  ان حوالي سان تياريون به مڪمل ڪيو ويو آهن.

بيگم ڪلثوم نواز جو مڙهه شريف ميڊيڪل سٽي  جي سرد خاني ۾ رکيل آهي، جنهن کي تدفين کان اڳ  گهر آندو ويندو.

اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف، ڪئپٽن رٽائرڊ صفدر ۽ مريم نواز کي آخري ديدار به ڪرايو ويو آهي.

اڳواڻي وزيراعظم نوازشريف شريف ميڊيڪل سٽي وڃڻ کان اڳ پنهنجي پيءُ جي قبر تي دعا گهري ۽ فاتحه خواني ڪئي.

بيگم ڪلثوم  جي جنازي نماز شريف ميڊيڪل سٽي جي گرائونڊ ۾ ادا ڪئي ويندي، جنهن ۾ سياسي سماجي  ۽ نواز جا ڪارڪن شرڪت ڪندا.

بيگم ڪلثوم نواز جي جنازي نماز ناليوارو عالم دين مولانا طارق جملي پڙهائيندو.

اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف جي ڌيءُ مريم نواز ۽ شهباز شريف جي هڪ تصوير به منظر عام تي آئي آهي، جنهن ۾  شهباز شريف مريم نواز کي دلاسو ڏئي رهيو آهي.

ٻئي طرف ڪلثوم نواز جي تدفين جي حوالي سان سيڪيورٽي پلان به جوڙيو ويو آهي،

جاتي امرا ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ 19 هنڌن تي ٽن شفٽن ۾ پوليس اهلڪار مقرر ڪيا ويندا، پهرين شفٽ صبح 8 وڳي کان شام 4 وڳي تائين، ٻي شفٽ 4 وڳي کان رات 12 وڳي تائين ۽ ٽين شفٽ 12 کان صبح 8 وڳي تائين موجود رهندي.

مختلف هنڌن تي ايليٽ فورسز جون 9 گاڏيون پيٽرولنگ ڪنديون، ايس پي موبائلز، ايليٽ جي ٻان گاڏين ۽ ٻين اهلڪارن سان گڏ مختلف هنڌن جي چيڪنگ ڪندا.

سيڪيورٽي ڊيوٽي جي لاءِ ٽن ايس پيز، ٽن ڊي ايس پيز ۽ ڇهه ايس ايڇ اوز کي مقرر ڪيو ويو آهي، ٻن مختلف هنڌن تي 8 واڪ ٿروگيٽس لڳايا ويندا ۽ ايليٽ فورسز جي ڪمانڊوز مقرر ڪيا ويندا.

سيڪيورٽي اهلڪارن کي دهشتگردي جي حوالي سان بريفنگ به ڏني ويندي، واڪ ٿرو گيٽس مان لڳايا ويا آهن، جتان ماڻهو گذرندا، لاهور پوليس، راولپنڊي پوليس جا اهلڪار به مقرر ڪيا ويا آهن،تدفين کانپوءِ ضلعي پوليس کي اطلاع ڏنو ويندو…………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*