لاهور هاءِ ڪورٽ وزيراعظم جي پرڏيهي دورن واري ڪيس ۾ وفاق پاران جواب داخل نه ڪرائڻ تي ڪاوڙ جو اظهار

لاهور هاءِ ڪورٽ، وزيراعظم جي پرڏيهي دورن واري ڪيس ۾ وفاق پاران مسلسل جواب داخل نه ڪرائڻ جو سختيءَ سان نوٽيس وٺندي ايندڙ ٻڌڻي تي پرڏيهي کاتي جي لاڳاپيل آفيسر کي  رڪارڊ سميت پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

جسٽس منصور علي شاهه تي ٻڌل لاهور هاءِ ڪورٽ جي سنگل بينچ جاويد اقبال جعفري جي وزيراعظم جي پرڏيهي دورن بابت داخل درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

درخواستگذار موقف اختيار ڪيو آهي ته، وزيراعظم ڪٽنب سميت پرڏيهي دورن تي ويندو آهي، جنهن جو سمورو خرچ قومي خزاني مان ڀريو ويندو آهي.

اهڙي درخواست تي عدالت اڄ وفاق کي جواب داخل ڪرڻ جي هدايت ڪئي هئي پر وفاقي حڪومت پاران اڄ به جواب داخل نه ڪرايو ويو، جنهن تي سخت سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.

ڊپٽي اٽارني جنرل عدالت کي آگاهي ڏني ته وزيراعظم جي پروٽوڪول آفيسر سان ملاقات نه ٿيڻ سبب دورن جي خرچن بابت ڄاڻ ناهي ملي سگهي، ان ڪري عدالت جواب داخل ڪرائڻ لاءِ وڌيڪ مهلت ڏئي سگهي.

جسٽس منصور علي شاهه ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته ڇا رياست پروٽوڪول آفيسر هلائيندو، قانون ۾ وزيراعظم جي پرڏيهي دورن بابت ڪا ته حد مقرر هوندي، پروٽوڪول آفيسر سان ملاقات نه ڪرڻ جو جواب سان ڪهڙو تعلق آهي.

عدالت، وفاق پاران جواب داخل نه ڪرائڻ جو سختي سان نوٽيس وٺندي ڊپٽي اٽارني جنرل کي جواب داخل ڪرڻ جي آخري مهلت ڏني، جسٽس منصور علي شاهه ريمارڪس ۾ چيو ته جيڪڏهن ايندڙ ٻڌڻي تائين جواب داخل نه ڪيو ويو ته وفاقي حڪومت مٿان ڏنڊ لاڳو ڪيو ويندو.

لاهور هاءِ ڪورٽ، پرڏيهي کاتي جي لاڳاپيل آفيسر کي ايندڙ ٻڌڻي تي رڪارڊ سميت پيش ٿيڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي 19 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*