پنجاب جي وڏي وزير سردار عثمان بوزدار سان قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر جي ملاقات ٿي

پنجاب جي وڏي وزير سردار عثمان بوزدار سان قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر جي ملاقات ٿي، عثمان بوزدار چيو آهي ته نئين پاڪستان جو بنياد رکجي چڪو آهي، تعليم، صحت ۽ ٻين شعبن ۾ سڌارا پاڪستان تحريڪ انصاف جي ترجيحي ۾ شامل آهن، تبديلي جي ايجنڊي تي ڪا به سوديبازي نه ڪئي ويندي. اسان جي عملي قدمن مان سڀني کي تبديلي نظر ايندي.

پنجاب جي وڏي وزير سردار عثمان بوزدار سان قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر جي ملاقات ٿي.

ملاقات دوران سياسي صورتحال ۽ پارلياماني معاملن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

قومي اسيمبلي جي اسپڪير اسد قيصر وڏي وزير جو عهدو سنڀالڻ تي سردار عثمان بوزدار کي واڌايون ڏنيون.

عثمان بوزدار چيو ته پارليامينٽ جي عزت وڌائڻ ۽ قومي ايشوز کي پارليامينٽ ۾ بحث ڪرڻ سمورين پارٽين جي گڏيل ذميواري آهي.

پنجاب جي وڏي وزير سردار عثمان بوزدار چيو ته عمران خان جي قيادت ۾ نئين پاڪستان جي منزل ڏانهن سفر شروع ٿي ويو آهي.

هن چيو ته وزيراعظم عمران خان جي وزن جي عمل تي هلندي ملڪ ۽ قوم جي تقدير تبديل ڪئي ويندي.

پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار ملڪ ۽ قوم جي ترقي ۽ نئين پاڪستان جي تعمير جي جدوجهد ۾ سڀني کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو آهي.

سردار عثمان بوزدار چيو ته ملڪ جي ترقي ۽ عوام جي خوشحالي لاءِ خواب جي حقيقي تعبير لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪرڻو آهي.

هن چيو ته تعليم، صحت ۽ ٻين شعبن ۾ سڌارا پاڪستان تحريڪ انصاف جي ترجيحي ۾ شامل آهن، تبديلي جي ايجنڊي تي ڪا به سوديبازي نه ڪئي ويندي. اسان جي عملي قدمن مان سڀني کي تبديلي نظر ايندي.

عثمان بوزدار چيو ته عوام کي تمام  جلد صحت، تعليم ۽  صاف پاڻي فراهمي جي شعبن ۾ بهتري ڏسڻ ۾ ايندي…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*