ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد چيو آهي ته ڀاڙا وڌي وڃڻ سبب ماڻهو ڪاوڙ ۾ اچي ويا آهن

ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد چيو آهي ته ڀاڙا وڌي وڃڻ سبب ماڻهو ڪاوڙ ۾ اچي ويا آهن، اسان ڊيم فنڊ لاءِ ڀاڙن ۾ واڌ ڪئي آهي، پاڪستان جي 65 سيڪڙو آبادي ٽريڪ جي ٻنهي طرفن کان آباد آهي.

وزيراعظم عمران خان ميانوالي ۽ راولپنڊي ريل گاڏي جو افتتاح ڪري ڇڏيو آهي.

افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي شيخ رشيد چيو ته ڀاڙا وڌي وڃڻ سبب ماڻهو ڪاوڙ ۾ اچي ويا آهن، اسان ڊيم فنڊ لاءِ ڀاڙن ۾ واڌ ڪئي آهي.

هن چيو ته، پاڪستان جي 65 سيڪڙو آبادي ٽريڪ جي ٻنهي طرفن کان موجود آهي.

ريلوي واري وفاقي وزير چيو ته، گوادر ۾ وڌيڪ 318 ايڪڙ زمين ورتي آهي،  گوادر کان ڪوئيٽا ۽ تورخم لاءِ سروس جو افتتاح به ڪيو ويندو.

شيخ رشيد چيو ته هڪ سال اندر ريلوي جو خسارو گهٽايو ويندو………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*