وڏي وزير مراد علي شاهه سان بلوچستان جي وڏي وزير ڄام ڪمال ملاقات ڪري مختلف معاملن تي ڳالهيون ڪيون آهن

وڏي وزير مراد علي شاهه سان بلوچستان جي وڏي وزير ڄام ڪمال ملاقات ڪري مختلف معاملن تي ڳالهيون ڪيون آهن.

وزيراعليٰ هائوس ۾ ٻنهي وڏن  وزيرن ۾ ملاقات دوران دهشتگردي خلاف گڏجي ڪم ڪرڻ ۽ صوبائي بارڊر تي چيڪنگ وارو عمل وڌيڪ بهتر ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي.

وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته سنڌ ۽ بلوچستان جو عوام پاڻ ۾ ڀائرن وانگر رهي ٿو.

مراد علي شاهه چيو ته ٻنهي صوبن جي آءِ جيز  ۾ ڪوآرڊينيشن جاري آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*