امريڪا چيو آهي  ته روس، اتر ڪوريا مٿان هنيل عالمي پابندين کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪري رهيو آهي

امريڪا چيو آهي  ته روس، اتر ڪوريا مٿان هنيل عالمي پابندين کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪري رهيو آهي، پيانگ يانگ تي پابنديون جوهري هٿيارن جي خاتمي لاءِ  هنيون ويون.

 امريڪا پاران هڪ دفعو ٻيهر ماسڪو خلاف اتر ڪوريا تي هنيل عالمي پابندين تي عمل نه ڪرڻ جو  الزام هينو ويو آهي.

 واشنگٽن ۾ امريڪي پرڏيهي وزير مائيڪ پومپيو  بريفنگ ۾ چيو آهي ته پيانگ يانگ تي پابندين جو مک مقصد جزيره نما ڪوريا کي جوهري هٿيارن کان پاڪ ڪرڻ  لاءِ هو، پر ماسڪو لاڳيتو ان کي  ڪمزور ڪرڻ جي ڪوشش ۾ رڌل آهي.

 ياد رهي ته ان کان پهريان گڏيل قومن ۾ امريڪي سفير نڪي هيلي به روس مٿان عالمي پابندين جي خلاف ورزي جو الزام هنيو هو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*