شاهپور جهانيان شگر ملز ۾ هٿياربندن اڳوڻي صوبائي صلاحڪار اسماعيل ڏاهري جي ڀائٽي کي قتل ڪري ڇڏيو

شاهپورجهانيان شگر ملز ۾ هٿياربندن اڳوڻي صوبائي صلاحڪار اسماعيل ڏاهري جي ڀائٽي کي قتل ڪري ڇڏيو، واقعي خلاف لاش رکي ڌرڻو هنيو ويو.

شاهپور جهانيان شگر ملز ۾ هٿياربندن فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ حسين بخش ڏاهري ٿڏي تي ئي مارجي ويو.

اطلاع تي ڏاهري برادري جا ماڻهو ۽ ڀرپاسي جا رهواسي واقعي واري هنڌ پهچي ويا.

واقعي  ۾ ملوث جوابدار گرفتار نه ٿيڻ ۽ ڪيس داخل نه ڪرڻ خلاف اڳوڻي صوبائي صلاحڪار اسماعيل ڏاهري جي اڳواڻي ۾ نيشنل هاءِ وي تي لاش رکي ڌرڻو هنيو ويو.

ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته هٿياربندن جي فائرنگ ۾ مارجي ويل حسين بخش ڏاهري جو قتل ڪيس داخل ڪيو وڃي.

هنن چيو ته واقعي ۾ ملوث جوابدار گرفتار نه ٿيا ته هو احتجاجي تحريڪ هلائيندا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*