چيف جسٽس آف پاڪستان خانگي اسپتالن ۾  مهگاني علاج جو پاڻمرادو نوٽيس وٺندي 12 اسپتالن جي مالڪن کي سڀاڻي طلب ڪري ورتو

چيف جسٽس آف پاڪستان خانگي اسپتالن ۾  مهگاني علاج جو پاڻمرادو نوٽيس وٺندي 12 اسپتالن جي مالڪن کي سڀاڻي طلب ڪري ورتو.

سپريم ڪورٽ ۾ هڪ  ڪيس جي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس خانگي اسپتالن  ۾ مهانگي علاج بابت پاڻمرادو نوٽيس ورتو.

چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته خانگي اسپتالن ۾ هڪ ڏينهن علاج جا لکين روپيا اوڳاڙيا پيا وڃن.

عدالت ڊاڪٽر اسپتال، حميد لطيف اسپتال سميت 12 اسپتالن جي مالڪن کي نوٽيس جاري ڪندي کين سڀاڻي طلب ڪري ورتو.

سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽش سيڪريٽري هيلٿ، هيلٿ ڪيئر ڪميشن سميت ٻين ڌرين کي به نوٽيس جاري ڪندي جواب گهري ورتو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*