زمين کان چنڊ تائين سفر ڪندڙ پهرين مسافر خلائي گاڏي بڪنگ جي شروعات ڪري ڇڏي، جنهن ۾ هڪ نجي مسافر پاران بڪنگ ڪرائي وئي آهي

زمين کان چنڊ تائين سفر ڪندڙ پهرين مسافر خلائي گاڏي بڪنگ جي شروعات ڪري ڇڏي، جنهن ۾ هڪ نجي مسافر پاران بڪنگ ڪرائي وئي آهي.

 پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽ موجب امريڪي ڪمپني پاران گذريل سال اعلان ڪيل خلائي گاڏي پنهنجي پهرئين سفر جي تياري مڪمل ڪري ورتي آهي.

 نجي خلائي ڪمپني اسپيڪس ايڪس جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر  ايلن مُسڪ هڪ ٽوئيٽ ڪيو آهي، جنهن ۾ هن لکيو ته هڪ نجي مسافر چنڊ جي سفر لاءِ بگ فيلڪن راڪيٽ ۾ بڪنگ ڪرائي ڇڏي آهي.

ڪمپني جي باني وڌيڪ لکيو آهي ته اهو مسافر ڪير آهي ۽ ڇو چنڊ جو سفر ڪري رهيو آهي ان جو 17 سيپٽمبر تي  سڀ پتو پئجي ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*