مٺياڻي ويجهو 6 مهينا اڳ اغوا ڄاڻايل  ناريءَ  جي قتل جو انڪشاف ٿيو آهي

مٺياڻي ويجهو 6 مهينا اڳ اغوا ڄاڻايل  ناريءَ  جي قتل جو انڪشاف ٿيو آهي، پوليس موجب ناريءَ عظميٰ مستوئي  جي موبائل فون  جي مدد سان مک جوابدار سميت 3 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي، مک جوابدار ناري کي پسند جي پرڻي لاءِ گهرائي ساٿين سان گڏجي قتل ڪري لاش لوڙهڻ  جو اعتراف ڪيو آهي.

ڳوٺ رسول بخش مستوئي مان 6 مھينا اڳ مبينا طور اغوا ڄاڻايل پرڻيل ناريءَ عظميٰ مستوئي جي قتل ٿيڻ جي  انڪشاف بعد مٺياڻي پوليس مقتول ناريءَ جي موبائل فون ٽريس ڪري ٽن جوابدارن سکر جي رھواسي ڀورو مھر، نديم مھر ۽ جاويد جتوئي کي گرفتار ڪري ورتو.

مٺياڻي پوليس موجب گرفتار جوابدارن ناريءَ عظميٰ کي قتل ڪرڻ بعد سندس لاش  روھڙي ڪئنال ۾ لوڙھي ڇڏڻ جو اعتراف ڪيو آهي.

پوليس موجب مک جوابدار ڀورو مهر  اعتراف ڪيو آهي ته ناريءَ عظميٰ مستوئي کي پسند جي پرڻي لاءِ گهران گهرايو، پر ناريءَ جي پهرين شادي ٿيل هئڻ سبب پسند جو پرڻو نه ٿي سگهيو، جنهن جي ڪري  جوابدار ڀوري مهر ساٿين سان گڏجي ناريءَ عظميٰ کي قتل ڪري لاش روهڙي ڪئنال ۾ لوڙهي ڇڏيو………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*