پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جمهوريت جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي جاري ڪيل پيغام ۾ چيو آهي ته صرف جهموريت ئي مضبوط ۽ خوشحال پاڪستان جي ضمانت آهي

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جمهوريت جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي جاري ڪيل پيغام ۾ چيو آهي ته صرف جهموريت ئي مضبوط ۽ خوشحال پاڪستان جي ضمانت آهي،پاڪستاني عوام جمهوريت سان گڏ آهي.

بلاول ڀٽو زرداري پيغام ۾ چيو ته پاڪستاني عوام جمهوريت لاءِ جدوجهد ڪرڻ سان گڏ وڏيون قربانيون به ڏنيون آهن.

هن چيو ته پاڪستان ۾ جهموريت ۽ عوام لاءِ چئنلينجز ۽ خطرا ختم نه ٿيا آهن.

بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪستان سميت پوري دنيا ۾ ٻين چئنليجز کانسواءِ دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جهموريت لاءِ خطرا آهن.

هن چيو ته دنيا ۾ ڪجهه عوام دشمن قوتون ترقي ۽ امن نٿيون چاهين، ڇاڪاڻ ته انهن لاءِ امن ۽ ترقي موت برابر آهي.

بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پ پ  شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد بينظير ڀٽو جي نظريي جي روشني ۾ پاڪستان کي وفاقي جهموري مسلم رول ماڊل رياست بڻائڻ لاءِ سرگرم آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*